102

پاڪستان جي هيلٿ ڪارڊ اسڪيم غريبن لاءِ سستي علاج لاءِ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز بابت وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته پاڪستان جي هيلٿ ڪارڊ اسڪيم غريبن لاءِ سستو علاج حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي معجزاڻي هيلٿ ڪارڊ اسڪيم غريبن لاءِ سستو علاج فراهم ڪري ٿي. هن ٽوئٽر تي دي ٽيليگراف ۾ شايع ٿيل هڪ ثريب سيڪيورٽي گارڊ جي ڪهاڻي تي ٻڌل هڪ خبر جي ڪٽنگ پڻ لنڪ سان گڏ شيئر ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پشاور جو رهائشي سيڪيرٽي گارڊ اشتياق دل جي بيماري جو شڪار هو جيڪو علاج ۽ مهانگي آپريشن سبب پريشان هو. اشتياق احمد کي ڪيترن ئي سالن کان دل جي تڪليف هئيپر سرجري لاءِ کيس 2 هزار پائونڊ ملڻ جو امڪان ڊگهي عرصي کان ناممڪن نظر اچي رهيو هو. مدد لاءِ خدا ڏانهن ڏسڻ کانسواءِ ڪو چارو نه هو. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هيلٿ انشورنس اسڪيم متعارف ڪرائي جيڪا اشتياق لاءِ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هئي ۽ سرجري کانپوءِ هو صحتياب زندگي گذاري رهيو آهي. ان ڪٽنگ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومت جي مالي مدد سان هلندڙ هيلٿ انشورنس اسڪيم کي سڄي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي. صحت انصاف ڪارڊ وزيراعظم عمران خان جي حڪومت هڪ گليگ شپ پاليسي طور شروع ڪئي جيڪا جلد ئي دنيا جي پنجين سڀني کان وڏي آبادي واري ملڪ جو احاطو ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو