واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ فلم جي شوٽنگ دوران اداڪار کان سچ ۾ گولي هلي وئي، گولي لڳڻ سبب عورت ڊائريڪٽر فوت ٿي وئي، آمريڪي رياست نيوميڪسيڪو ۾ شوٽنگ دوران اداڪار ايليڪ بيلدون کان سچ ۾ گولي هلي وئي، گولي لڳڻ سبب فلم جي ٽيم ميمبر ۽ ڊائريڪٽر فوٽو گرافر فوت ٿي وئي،هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، پوليس مطابق واقعي جي تحقيقات جاري آهي،جڏهن ته اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، واضح رهي ته 1993ع ۾ مشهور مارشل آرٽس هيرو بروس لي جو پٽ برينڊن لي پڻ شوٽنگ دوران ساٿي اداڪار جي فائرنگ سان فوت ٿي ويو هو.
168