93

پي ڊي ايم مهانگائي خلاف روڊن تي نڪري پئي، مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مهانگائي خلاف روڊن تي نڪري پئي آهي. پي ڊي ايم جي اعلان کان پوءِ جمع ڏينهن احتجاجي مظاهرا لاهور، ڪراچي، پشاور، چمن، مري ، سکر ، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، مهمند، زيارت ۽ مينگوره سميت مختلف شهرن  ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾وڏي انگ ۾ ڪارڪن ۽ اڳواڻ شريڪ ٿيا. لاهور ۾ مندر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، جنهن جي اڳواڻي خواجا سعد رفيق ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. . ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ ۾ احتجاجي مظاهرو جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. چمن ۾ ڪوئٽا چمن روڊ تي ريلي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ٻي پاسي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف عوام کان مهانگائي جي خلاف سموري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جو مطلب عوام جي وڌيڪ تباهي، وڌيڪ مهانگائي، وڌيڪ بيروزگاري آهي. هن چيو ته ظالم حڪومت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کان سواءِ ملڪ ۽ عوام جي معاشي حالت نٿي سڌري سگهي.
عوام وڌ کان وڌ احتجاجي مظاهرن شرڪت ڪري هن نالائق حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري. هوڏانهن پي ڊي ايم جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته مهانگائي جي خلاف عوام جو آواز بڻجي اڄ روڊن تي نڪري رهيا آهيون. هاڻ گهبرائڻ جو وقت گذري چڪو آهي. اڄ به جيڪڏهن قوم نه گهبرائيندي ته مهانگائي جو سونامي قومي کي ٻوڙي ڇڏيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو