اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي ڏکيائين کان پوري طرح آگاهه آهي، ضلع ۽ تعلق جي سطح تي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آهن، مهانگائي ڪندڙن خلاف بنا فرق جي ڪريڪ ڊائون جاري رهندو، قانون جي بالادستي برقرار رکي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن جمع تي ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افصل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان به موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ٿيل بيان موجب وزيراعظم کي صوبي جي انتظامي ۽ ترقياتي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ هلندڙ ترقياتي رٿائن ۽ عوامي ڀلائي جي اسڪيمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي مهانگائي روڪڻ ۽ صوبي ۾ امن و امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي تڪليف کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ پائيدار قدم کڻي ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ڏئي رهي آهي. مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آهن، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنجاب ۾ هلندڙ سمورين ترقياتي رٿائن کي مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪن ته جيئن عوام جي سهولت ٿئي. ٻي پاسي وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر تي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب ويندو. عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهن. دوري دوران وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو، سعودي قيادت سان ٻطرفيون ڳالهيون ڪندو جنهن ۾ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري، پاڪستاني پورهيتن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن تي اڳڀرائي تي ڌيان ڏنو ويندو.
108