115

تحريڪ لبيڪ جو اسلام آباد ڏانهن مارچ شروع، ڪنٽينرن سان رستا روڪ، لاهور ۾ ڇڪتاڻ، 2 پوليس اهلڪار شهيد، 6 زخمي

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان پنهنجي اڳواڻ سعد حسين رضوي  جي آزاديءَ لاءِ لاهور کان اسلام آباد ڏانهن مارچ شروع ڪري ڇڏي آهي،  جنهن دوران ڇڪتاڻ سبب 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي پڻ ٿي پيا آهن، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار پڻ ڪيو  ويو آهي. پابنديءَ هيٺ آيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان  پنهنجي اڳواڻ سعد حسين رضوي  جي آزاديءَ لاءِ لاهور ۽ ملتان ۾ ڪجهه ڏينهن تائين ڌرڻو هڻڻ کان پوءِ جمع ڏينهن اسلام آباد ڏانهن مارچ شروع ڪيو. جنهن جو اعلان هڪ ڏينهن اڳ ئي ڪيو  ويو هو. ان اعلان کان پوءِ پوليس ٽي ايل پي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو ۽ 24 ڪلاڪن دوران 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي. لاهور ۾ جمع نماز کان پوءِ مارچ شروع ڪيو ويو، جنهن دوران ضلعي عدالت ويجهو مارچ ۾ شامل گاڏين جي ٽڪر سبب 2 پوليس اهلڪار  سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو جتي اهي ٻئي فوت ٿي ويا. جڏهن ته ايم اي او  ڪاليج جي ويجهو  مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽ پوليس جي ڇڪتاڻ ٿي پئي جنهن ۾ ڪارڪنن پوليس تي پٿرن سان حملو ڪيو ، جنهن ۾  ايس ايڇ او سميت 6 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. هوڏانهن  مارچ کي روڪڻ لاءِ  اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ ملتان ۾ مختلف اهم روڊ ڪنٽينرن سان بند ڪري سيڪيورٽي پڻ هاءِ الرٽڪئي وئي آهي. مختلف روٽن تي ميٽرو بس سروس روڪي وئي آهي ۽ مختلف علائقن ۾ موبائل فون سروس پڻ بند ڪئي وئي آهي. اسلام آباد جي علائقي فيض آباد ۾ ربڙ جي گولين ۽ اکساڙ گئس سان پوليس مقرر ڪئي وئي آهي.ان کان علاو واٽر ڪينن، بڪتر بند گاڏيون به پهچايون ويون آهن. ٻي پاسي پنجاب حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهين لاءِ  راجا بشارت ۽ چوڌري ظهير الدين تي ٻڌل ٻن ڄڻن واري ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهين لاءِ ڪابينا جي ٻن سينيئر ميمبرن راجا بشارت ۽ چوڌري ظهير الدين تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي آهي، پاڻ سڳورن صه جي سنت موجب ملڪ ۾ امن وامان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو