102

عمران خان قوم جو ڏوهاري آهي،غلط معاشي پاليسن سبب عوام عذاب ڀوڳي پيو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته  عمران خان قوم جو ڏوهاري آهي، غلط معاشي پاليسن سبب عوام عذاب ڀوڳي پيو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته  مهانگائي جي طوفان پاڪستان ۾ خوشحالي ختم ڪري ڇڏي آهي، عام ماڻهون مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، پيپلزپارٽي جون معاشي پاليسيون ئي عام ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري آڻي سگهن ٿيون، عوام اسانجو ساٿ ڏئي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته  مهانگائي جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري جيالن عوام جي احساسن جي ڀرپور نموني ترجماني ڪئي آهي، هوڏانهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان صوبائي وزير تيمور ٽالپر، صوبائي وزير  ڄام اڪراالله ڌاريجو ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي عورتن جي شعبي جي اطلاعات سيڪريٽري ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر سعديه جاويد ملاقات ڪئي، ان دوران کاتي جي ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو