106

پيپلزپارٽي بنا رنگ ۽ نسل جي فرق جي خدمت تي يقين رکي ٿي : مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايڊمنسٽريٽر ڪراچي،سنڌ حڪومت جي ترجمان، قانون بابت وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پيپلز پارٽي بنا رنگ نسل جي فرق جي خدمت تي يقين رکي ٿي. هي شهر اسان سڀني جو آهي. ان جي خدمت اسان جو فرض آهي ۽ اسان پنهنجي ڪم سان ان کي ثابت ڪنداسين، شهر جي ڪچرا ڪنڍين کي گرين بيلٽ ۾ تبديل ڪيو ويندو. ڪراچي کي ان جي اصل حالت ۾ آڻڻو آهي هن شهر ۽ شهرين جو حق آهي ته شهر جي روشنين کي بهال ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي شهر جي سڃاڻپ کي بحال ڪرڻ جو عزم رکي ٿي. ڪالهه گلبرگ ۾ ارفع فيملي پارڪ جي افتتاح ۽ بعد ۾ ضلعي وسطي جي مختلف علائقن جي دوري جي موقعي تي هن اهڙو اظهار ڪيو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اڄ کان ڪجھ هفتا پهرين هن ضلعي جو دورو ڪيو هو هي زمين نظر آئين جيڪا اجڙيل هئي ۽ هن پارڪ جا دروازا شهرين جي لاءِ بند هئا. ان ئي وقت مون بلديا سينٽرل جي عملدارن کي هدايت ڏني ته پارڪ جا دروازا شهرين جي لاءِ کوليا وڃن ته جيئن ماڻهون هتي تفريح ڪري سگھن. ارفع فيملي پارڪ ۾ ٻارڙن جي لاءِ جھولا ۽ عوام جي ڪينٽين جو بندوبست به ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اختيارن ۽ وسيلن جي ڳالھ ڪندا هئا. ڏسي وٺن ته اختيار به آهن ۽ وسيلا به آهن بس فقط چهرا ۽ نيتون بديليون آهن ۽ اڄ نظر اکي رهيو آهي ته انتظاميا مسئلا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. ناظم شباد نمبر هڪ ۾ ڪجھ ڏينهن پهرين پارڪ جو افتتاح ڪيو ويو هو ۽ ايندڙ هفتي سينٽرل ضلعي جي عوام کي هڪ ٻيو پارڪ ڏيڻ وڃي رهيا آهيون موجوده مهانگائي جي صورتحال ۾ تفريح عوام جي لاءِ مشڪل ٿيندي وڃي رهي آهي اهڙي قسم جا پارڪ تفريح جو آسان موقعو فراهم ڪندا آهن. هن چيو ته سينٽرل ضلعي ۾ گذتيل سال جي مقابلي ۾ صفائي جو معيار بهتر آهي اها ئي ڊي ايم سي سينٽرل سمورا ڪم ڪري رهي آهي جيڪا پهرين چندي هئي ته وسيلا ناهين. هتان جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر به هتان جا آهن ۽ عوامي خدمت شروع ڪري ڇڏي آهي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته ڪراچي جي هر ضلعي ۾ ڪم ٿي رهيو آهي سائيٽ ۾ روڊ تعمير ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪيماڙي ۾ روڊن جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم جاري آهي، مائي ڪولاچي روڊ هجي، آغا خان پارڪ هجي يا ٻيون جايون ڪم جاري آهي. لياقت آباد سپرمارڪيٽ کي ڪي ايم سي ۽ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ٺيڪ ڪرڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو منهنجي سياسي جماعت تي تنقيد ڪندا آهن ته اسان تعصب ڪندا آهيون اڄ نائن زيرو جي برابر بيٺوآهيان ۽ پارڪ جو افتتاح اهو ثابت ڪري ٿو ته پيپلز پارٽي  ڏڦيڙ ۽ نفرت جي بجائي بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي ۽ منهنجي هتي موجودگي ان ڳالھ کي ثبت ڪري ٿي ته علائقو ڪو به هجي ووٽ ڪنهن کي به ملي پيپلز پارٽي خدمت ڪندي رهندي. ڪراچي جا ست ضلعا آهن افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته ماڻهن شين کي سياست جي نظر ڪري ڇڏيو وسيم اختر نه چوندو هو ته وسيلن جي ضرورت آهي؟ ٽيڪس ڪجھ ماڻهن جي کيسن ۾ هليو ويندو آهي. ڇا مان اوهان کي ٻڌايا ته فائر برگيڊ جي مينٽينس جو ٺيڪو ڪنهن کي ڏنو ويو هو وسيم اختر جڏهن پاڻ ميئر هو ته ڪجھ چوندو هو ۽ هاڻ  ڪجھ ٻيو چئي رهيو آهي، ٽيڪس بلدياتي ادارن وٽ ويندو ته اهي ادارا پنهنجي پيرن تي بيهندا فيصلو ڪرڻو پوندو بليديه کي ٽيڪس ڏيڻو آهي. ادارن کي يا ڪجھ ماڻهن جي کيسن کي. هن چيو ته حيرت ٿيندي آهي ته گورنر اسٽيٽ بينڪ جي بيان مان خبر پوي ٿي ته اهي ماڻهو ڪيترا بي خبر آهن چند هزار خاندانن جي ڀيٽ اهي 22 ڪروڙ عوام سان ڪرڻ مذاق آهي اهي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن هن حڪومت کي گھر موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته عباسي شهيد اسپتال جون حالتون ڪافي عرصي کان خراب آهن هن اسپتال کي ٺيڪ طريقي سان ناهي هلايو ويو موجوده صورتحال افسوسناڪ آهي مستقل بنيادن تي حالتون يڪ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته تحقيق ڪريو ته فائر برگيڊ جي مينٽيننس جو ٺيڪو ڪهڙي شخص کي مليل آهي. فائر برگيڊ جي ڊرائيورز جو مسئلو حل ڪيو ويو آهي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته پاڪ ڀارت ميچ به شهر جي مختلف ماڳن تي ڏيکاريا ويندا فيمليز جي لاءِ وڏين اسڪرينو لڳايون وينديون هن ارفع فيملي پارۡ ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو ۽ دعا به ڪئي. ان کان پوءِ ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون بابت وزير عاليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ضلعي سينٽرل جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ ياسين آباد، گلشن شميم، لياري ندي ۽ مختلف ماڳن تي صفائي سٿرائي جي ڪمن جو جائزو ورتو جتي سالڊ ويسٽ مئنيجمنٽ پاران ڪچرو کڻڻ جو ڪم جاري آهي. هن بلديه سنيٽرل پاران وڻڪاري مهم جو به معائنو ڪيو ۽ ٻوٽا به لڳايا.    .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو