133

سنڌ حڪومت پاران ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مختلف ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون ڪندي سيد تراب حسين شاهه کي چيف انجنيئر بلڊنگس حيدرآباد مقرر ۽ اختر حسين ڏاوڇ کي رپورٽ ڪرايو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي ايس اينڊ جي ڊي طرفان جاري ٿيل نوٽفڪيشن موجب ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ تازو 20هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ سينئر آفيسر سيد تراب حسين شاهه کي ايس اِي پروانشل هاءِ ويز حيدرآباد جي عهدي تان بدلي ڪري چيف انجنيئر بلڊنگس هاءِ ويز حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اختر حسين ڏاوڇ کي اتان بدلي ڪري ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته مقرري جي انتظار ۾ ويٺل گريڊ 19 جي آفيسر فتح محمد سنائي کي ايس اِي پروانشل هاءِ ويز حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي، هڪ ٻئي نوٽيفڪيشڻ موجب اسوسيئيٽ پروفيسر محمد سليمان کي پرنسپل مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو جي عهدي تان بدلي ڪري پرنسپل علامه اقبال گورنمينٽ بوائز اسڪول ايوننگ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسوسيئيٽ پروفيسر حق نواز ميمڻ کي مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو جو پرسنپل مقرر ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو