112

وڏي وزير پاران عوامي شڪايتن جي حل لاءِ جامع مڪينزم جوڙڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عوامي شڪايتن جي حل لاءِ هڪ جامع ميڪنزم جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي سمورين ٻهراڙين ۾ بجلي پهچائينداسين. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وليج اليڪٽري فڪيشن بابت اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وزير توانائي امتياز شيخ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، سيڪريٽري ناڻو آصف جهانگير، سيڪريٽري توانائي ابوبڪر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ توانائي واري وزير امتياز شيخ ٻڌايو ته 8480 ڳوٺن کي بجلي ڏيڻي هئي جنهن لاءِ 11231.108 ملين رپيا پاور ڪمپنينين کي ڏنا ويا آهن پر هيل تائين 8082 ڳوٺن کي بجلي مهيا ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حيسڪو 5040،سيپڪو 2790 ۽ ڪي اليڪٽرڪ 248 ڳوٺن کي بجلي مهيا ڪئي آهي. وزير توانائي ٻڌايو ته حيسڪو 280 ڳوٺن، سيپڪو 126 ڳوٺن ۽ ڪي اليڪٽرڪ هڪ ڳوٺ کي بجلي مهيا ڪرڻ واري پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن تي وڏي وزير، صوبائي وزير توانائي کي هدايت ڪندي چيو ته پاور سپلائي فراهم ڪرڻ واري اسڪيمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ڇوته بجلي فراهم ڪرڻ سان ڳوٺن جي معيار زندگي ۾ سڌارو ايندو. هن وڌيڪ هدايت ڪندي چيو ته پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي گهرجي ته هوءَ ٽرانسفارمز کي باهه لڳڻ جي صورت ۾ کين جلد تبديل ڪرڻ جو سسٽم ٺاهين. وڏي وزير چيو ته ڳوٺن ۾ ٽرانسفارمز جڏهن سڙي وڃن ٿا ته انهن کي تبديل ڪرڻ لاءِ ماڻهو آفيسرن جي پويان چڪر ڪاٽيندا رهندا آهن. هن چيو ته عوام جي شڪايتن جي حل لاءِ هڪ جامع ميڪنرم جوڙيو وڃي ته جيئن سندن شڪايتن جو جلد ازالو ٿي سگهي ۽ کين ريليف ملي سگهي، هوڏانهن  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لينڊ يوٽيلائزيشن کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هوءَ لاڙڪاڻي انڊسٽريل اسٽيٽ جو ٽائيٽل سائيٽ لميٽڊ حوالي ڪري ته جيئن صنعتي پلاٽن کي الاٽمينٽ شروع ڪري سگهجي. هن توانائي کاتي کي انڊسٽريل اسٽيٽ کي گيس ڪنڪيشن ڏيڻ لاءِ 326 ملين رپيا سوئي سڌرن گيس ڪمپني کي چالان پڻ ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ لاڙڪاڻي انڊسٽريل اسٽيٽ واري معاملي تي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. اجلاس ۾ توانائي وارو وزير امتياز شيخ، صنعت وارو وزير ڄام اڪرام ڌاريجو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سينئر بورڊ آف ريونيو شمس سومرو، سيڪريٽري توانائي ابوبڪر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته انڊسٽريل اسٽي لاڙڪاڻي جو افتتاح چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جنوري 2021 ۾ ڪيو ۽ هاڻي صنعتي ۽ تجارتي پلاٽن جي الاٽمينٽ شروع ڪرڻ لاءِ زمين جو ٽائيٽل منتقل ڪرڻو پوندو. لاڙڪاڻي انڊسٽريل اسٽيٽ 500 ايڪڙ ايرياضي تي قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ڊسمبر 2009 ۾ منعقد ڪئي وئي هئي. وزير صنعت وڏي وزير کي ٻڌايو ته انڊسٽريل اسٽيٽ 2.4 ارب رپين ۾ قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هر هڪ ايڪڙ تي ٻڌل 94 پلاٽ، هر 1000 گز تي ٻڌل 20 ڪمرشل پلاٽ ۽ 95.41 ايڪڙ ٻين سهولتن لاءِ رکي وئي آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ فائر ٽيندڙز، ايمبولينس ، ٽريڪٽر ٽراليون ۽ سيڪيورٽي گاڏين جي خريداري وارو عمل هلندڙ آهي ۽ آڪسيڊيشن ڍنڍ جو 90 سيڪڙو ڪم، گرڊ اسٽيشن بلڊنگ جو 50 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي. وزير توانائي امتياز شيخ چيو ته وڏي وزير گيس ڪنيڪشن لاءِ 326.125 ملين رپين جي منظوري ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته ريلوي لائين تان گيس پائيپ لائين ڪراس ڪرڻ لاءِ پاڪستان ريلوي جي اين او سي گهربل هئي، گيس سائيٽ جي علائقي کان 3 ڪلوميٽر پري آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته گيس ڪنيڪشن جي فراهمي جي ڪم کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن صنعتڪارن کي پلاٽ الاٽ ڪري سگهجن. وڏي وزير لاڙڪاڻي ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ جي قيام کي علائقي ۾ معاشي ۽ سماجي تبديلي لاءِ سنگ ميل قرار ڏنو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو