138

خورشيد شاهه جي ضمانت لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا جمع، آزادي هڪ ڏينهن ليٽ

سکر (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي ضمانت لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا جمع، آزادي هڪ ڏينهن ليٽ ٿي وئي، رپورٽ موجب خورشيد شاهه جي پٽ سيد زيرخ شاهه سکر جي احتساب عدالت ۾ هڪ ڪروڙ جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا، آزادي جو آرڊر جاري نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري هڪ ڏينهن وڌيڪ ليٽ ٿي وئي،سيد زيرخ شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضمانتي آرڊر جي سپريم ڪورٽ مان تصديق نه ٿيڻ سبب ليٽ ٿي، اميد ته اڄ آزادي ملي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو