128

موجوده حڪمرانن ملڪ جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته موجوده حڪمرانن ملڪ جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تيل جو قيمتون 15 ڏينهن ۾ 3 ڀيرا ۽ خوراڪ جون قيمتون 300 سيڪڙو وڌيون،دوائن جون قيمتون 14 ڀيرا وڌيون آهن، عوام وڏي پريشاني کي منهن ڏئي پيو، هن چيو ته ملڪ ۾ بک، بيروزگاري ۽ مهانگائي وڌي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو