139

ڪنڊيارو ٿاڻي جي لاڪپ مان پيرسن جو لاش هٿ اچڻ جو نبيرو، ايس ايڇ او تي 15 لک ڏنڊ

ڪنڊيارو (ويب ڊيسڪ) ڪنڊيارو ٿاڻي جي لاڪپ مان ڏيڍ مهينو اڳ پيرسن جو لاش هٿ اچڻ جو نبيرو، ايس ايڇ او، اي ايس آءِ ۽ وڏي منشي تي 15 لک ڏنڊ. تفصيل موجب ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ علي نواز ڏيپر جي رهواسي پيرسن موريل ڏيپر جو ڏيڍ مهينو اڳ ڪنڊيارو ٿاڻي جي لاڪپ مان لاش هٿ اچڻ واري مامري جو نبيرو ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه جي سرپئنچي ۾ ٿيو، ذريعن موجب مقتول جي وارثن ۽ نيڪ مردن شرڪت ڪئي جنهن دوران ايس ايڇ او رحم حسين واسواڻو، اي ايس آءِ حنيف خانزادو، وڏي منشي محمد علي راڄپر کي ڏوهي قرار ڏيندي مٿن 15 لک ڏنڊ ۽ تڏي تي معافي وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هوڏانهن ڌرين سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو، ياد رهي ته قتل ڪيس جي جوابدار پيرسن موريل ڏيپر جو ڏيڍ مهينو اڳ ڪنڊيارو ٿاڻي جي لاڪپ مان مبينه ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو هو، جنهن بابت پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار خودڪشي ڪئي آهي، جڏهن ته وارثن جو چوڻ هو ته پوليس موريل کي تشدد ڪري ماريو آهي، جنهن لاءِ وارثن پاران مسلسل احتجاج جو سلسلو هلندڙ هو، جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڪنڊيارو ٿاڻي جي عملي کي معطل ڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو