133

رتيديري ۾ قبيلائي تڪرارن ۾ ٺاپر نه آئي، چنا ۽ مرکياڻي وڙهي پيا، ھڪ ڄڻو قتل ،5 زخمي

رتوديرو (ويب ڊيسڪ) رتيديري ۾ قبيلائي تڪرارن ۾ ٺاپر نه اچي سگھي، ڳوٺ سومر واھڻ ۾ چنا ۽ مرکياڻي برادري وچ ۾ 8 مھينا اڳ معمولي ڳالھه تان شروع ٿيل تڪرار تان ٻيهر جهيڙو ٿي پيو ۽ گوليون لڳڻ سبب 23 ورھين جو دلشير پٽ رجب علي چنو قتل ۽ عورت ريشما چنا سميت 5 ڄڻا امام دين چنا ، منصور علي چنا ، اسرار چنا ، غلام محمد چنا زخمي ٿي پيا ، رتوديرو پوليس اطلاع ملڻ تي ھنڌ پھچي لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، جتان امام الدين چنا ۽ منصور چنا کي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو ، جڏھن ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ، ان سلسلي ۾ مقتول نوجوان جي والد رجب چنا ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اڳ ۾ به عباس مرکياڻي جي ڌر اسان جي ھڪ نوجوان کي قتل ڪيو ھو ان باوجود اسان صبر ڪيو ، ھن چيو ته ايس ايڇ او رتوديرو عبدالغفور ڇٽو ڌر بڻجي گذريل ڪجھه ڏينھن کان لڳاتار اسان جي مٿان بلاجواز چڙھايون ڪيون آھن، اڄ به اسان مٿان پوليس چڙھائي ڪئي جنھن ڪري اسان گھر ڇڏي فرار ٿي وياسين اھڙو موقعو ڏسي عباس مرکياڻي جي ڌر اسان جي گھرن مٿان فائرنگ ڪئي جنھن ۾ منھنجو نوجوان پٽ گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو ۽ عورت سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ھن وڌيڪ چيو ته ايس ايڇ او عبدالغفور ڇٽو مخالف ڌر کان پئسا وٺي اسان جي مٿان حملو ڪرايو، ھن ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو ته اسان جي گھرن مٿان حملو پوليس جي موجودگي ۾ ٿيو آھي واقعي جي جاچ ڪري ايس ايڇ خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن ايس ايڇ او رتوديرو عبدلغفور ڇٽو چيو ته چنا ۽ مرکياڻي برادري ۾ پلاٽ جي معاملي تان پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي، صبح جو ٻنھي ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿيو پوليس ٿڏي تي پھچي جھيڙو ٽاريو ۽ ٻنھي ڌرين کي ٺاھ لاء پابند ڪيو، ان باوجود شام جو ڌرين وچ ۾ ٻيھر جھيڙو ٿيو جنھن ۾ ھڪ ڄڻو قتل ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿيا، هوڏانهن آخري اطلاع  تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو ۽ نه وري ڪا گرفتاري ٿي ھئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو