ملير ( ويب ڊيسڪ) پوري ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف پيپلز پارٽي جي احتجاجن ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي آهي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه به جيالن سان گڏ روڊن تي نڪري پيو. ان سلسلي ۾ جمع ڏينهن پ پ ملير طرفان پڻ ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي صلاحڪار سلمان عبدالله مراد ، ايم پي اي راجا رزاق ، ايم پي اي سليم بلوچ ، شاهينه شير علي ، مير عباس ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ريلي ۾ ملير جي مختلف علائقن جي سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ريلي گلشن حديد قومي شاهراهه کان ٿيندي قائدآباد ۾ پهتي. جتي وڏي وزير مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته ته موجوده وفاقي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آڻي غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي وزير اعظم عمران خان ۽ ان جي ڪابينا پيٽرول ، کنڊ ۽ اٽي جا چور آهن سندن وقت اچي پهتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ان جي سنڌ ۾ حڪومت پورهيت عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، اسان پورهيتن جي پگهار 25000 مقرر ڪئي آهي جنهن تي طاقت عمل پڻ ڪرايو ويندو هن چيو ته پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 30000 روپين تائين ڪرڻ چاهيون ٿا، ان سلسلي ۾ جيڪي به رڪاوٽون آهن ختم ڪنداسين. اسان شهيد ڀٽي ۽ بينظير ڀٽو جي واٽ تي هلي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون اهو ئي سبب آهي جو پ پ کي مسلسل عوام چونڊي اقتدار ۾ آڻي رهيو آهي، سياسي مستقبل به پ پ جو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هتي ڪوڙن وعدن ۽ مهانگائي مڙهيندڙن جو راڄ قائم نه رهندو. هن وڌيڪ چيو ته سيليڪٽيڊ ملڪ جي عوام جو خراب حال ڪري ڇڏيو آهي، نا اهل وفاقي حڪومت کي آرسي ڏيکارڻ لاءِ ريلي ۾ شريڪ ٿيو آهيان، اهي جلد ئي وڃڻا آهن هاڻي اهي گهٻرائين نه. پيپلز پارٽي هميشه غريبن سان گڏ ئي رهي آهي، پوري ملڪ ۾ پ پ چيئرمين جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ٿي رهيا آهن، ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت به اهو ئي آڻيندو. نااهلن پوري ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو هڪ طوفان آڻي ڇڏيو آهي، اٽو 75 روپيا ۽ کنڊ 120 روپيا ڪلو ڪئي وئي آهي پوءِ به چون ٿا ته پاڪستان ۾ پيٽرول اڃان به سستو آهي. ريلي کي ايم پي اي راجا رزاق ، سليم ڪلمتي ، صوبائي وزير ساجد جوکيو ، نظير ڀٽو ۽ مير عباس به خطاب ڪيو.
110