145

بمن سان عورتن کي مارڻ جو نئون ٽرينڊ ۽ انتظامي بيحسي…!!

ليکڪ: حاڪم نصيراڻي

ڪائنات جي حسن جا سڀ رنگ پنهنجي دلڪشي ۽ دلفريبي ڪري  خوبصورت ڏيک پسائي من موهي وجهن ٿا، ڪوئل جي ڪوڪو، جھرڪين جي چرچر، بلبل جون صدائون، وڻن توڙي چراگاهن تي چڙھيل ساوڪ جي سائي ساڙهي، درياهن جي وهڪرن جي مڌر موسيقي، پهاڙن جو تڪبر سڀ بيڪار لڳن ها جيڪڏهن انهن جلون کي پسڻ لاءِ خالق انسان کي خلق نه ڪري ها، انسان ازل کان وٺي پنهنجي جسماني ساخت زور بازو تي ناز ڪندو آيو آھي، ان ناز ۾ ڪٿي هوڏ ته ڪٿي وڏائي جي جهلڪ نظر ايندي رهي آھي، اهڙي عجيب ۽ غريب مخلوق جي  ڪروڌي ذھن، بيقرار دل، اوجاڳيل اکين جي سڪون لاءِ عورت جهڙي نفيس، نازڪ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ ھستي پيدا ڪئي وئي، عورت جي مختلف روپن ۾ مرد لاءِ سڪون جو سامان سمايل آھي، ڌيءُ جي روپ ۾ پيءُ جي اکين جو نور، ڀيڻ جي روپ ۾ پيار جو سرچشمو، ماءُ جي روپ ۾ جنت جو جلوو ۽ زال جي روپ ۾ دلي قرار ۽ نسل جي واڌ ويجهھ جي ضامن، صدين کان تاريخ جي ورقن ۾ عورت جو ڪردار پيار ۽ سهپ جي اهڃاڻ طور نظر آيو آھي، هر دور جي هر باشعور انسان عورت کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو تڏهن کيس ڪڏهن گل، چنڊ، ڊيل، چانڊوڪي، حور، اپسرا مطلب ته هر پياري تشبيهھ عورت جي نالي ڪئي، سنڌ ۾ جڏهن کان جاگيردارن، سردارن، ميرن ۽ پيرن پنهنجي طاقت جي زور تي پير ڄمائڻ شروع ڪيا تڏهن کان فرسوده مدي خارج ۽ نام نهاد غيرت جي نالي تي هڪ نئون نظام جوڙي عورت تي پنهنجي ڀڙ مڙسي ظاهر ڪرڻ شروع ڪئي، اسان جنهن معاشري جا فرد آھيون اتي مرد جي ڪنهن به ڳالهھ کان انڪار جي قيمت عورت جي سر جي قيمت کان گهٽ ناهي، اسان پٽن جي خواهشن جي تڪميل لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏيون ٿا جڏهن ته ڌيءُ جو ننڍڙو انڪار به ناقابل برداشت هجي ٿو، مرداڻي سماج ۾ پٽن جي خواهشن جذبن احساسن جي پاسداري ڪئي وڃي ٿي پر ڌيءُ کي پنهنجي حال تي ڇڏيو وڃي ٿو، جيڪڏهن پٽ پيار جو پرڻو ڪري ته ان جي مڪمل حمايت ڪري ان جي قصور جو چڱو ڀلو معاوضو ادا ڪيو وڃي ٿو، پر نياڻي جي پسند تي ڳري قيمت وٺڻ کان پوءِ به کيس طعنه هنيا وڃن ٿا، نام نهاد غيرت جي نالي تي نياڻين  کي قتل ڪري سندن لاش ڪڏهن درياهه ۾ لوڙھيا وڃن ٿا ڪڏهن بغير غسل ۽ ڪفن جي نامعلوم قبرن ۾ دفن ڪيو وڃي ٿو، صرف ڪشمور تعلقي ۾ گذريل ٻن مهينن جي ٿوري عرصي ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ درجن عورتن کي ڪاري ڪري قتل ڪيو ويو آهي، ھي تعداد انهن عورتن جو آھي جيڪي ميڊيا جي خبرن جي زينت بڻيون، باقي لڪ ڇپ ۾ ته ڪافي ويچاريون موت جي هنج ۾ آرامي ٿين ٿيون، وڏي ڳالهھ اها ته سڄي علائقي جا چڱا مڙس جوابدار کي سزا ڏيارڻ بدران ان جي ان ڪڌي عمل جي حمايت ڪندي غيرت جو مسئلو ڄاڻائي لئي مٽي ڪرڻ جا جتن ڪندا آھن، اڳ ته بندوقن، ڪهاڙين ۽ لٺين سان حوا جون ڌيئرون قتل ٿينديون هيون پر هفتو اڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد ۾ پنهنجي نوعيت جو عجيب واقعو پيش آيو، سٺ ميل سان تعلق رکندڙ هڪ عورت زبيده ڪشمور جي نوجوان سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، نوجوان جي وارثن پاران ٺاهه لاءِ مسلسل ميڙمنٿ قافلو ويندو رهيو پر ڇوڪريءَ جي وارثن ٺاھه جي حامي نه ڀري نتيجو اهو نڪتو جو هڪ ڪمزور عورت کي قتل ڪرڻ لاءِ بهادر مرد رات جي اونداهي ۾ ديسي ساخت جي بم سان حملو ڪري نياڻي جا ٽڪڙا ڪري هميشه لاءِ خاموش ڪري مرداڻي سماج ۾ پنهنجي برتري ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن واقعي جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته هي ڪنهن عورت جو قتل نه پر هڪ نئون ٽرينڊ متعارف ڪرايو ويو آھي سنڌ ۾ هن قتل کان اڳ به ڪيتريون ڀوريون حق يا ناحق ڪاريون ٿينديون رهيون قتل به ٿينديون رهيو پر ائين کين بم نه هنيا ويا، ان بم ڌماڪي انتظامي قدمن جي پت وائکي ڪندي ڪيترا سوال به اٿاريا آھن ته نواب شاهه کان 300 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري جوابدار ڪامياب ڪاروائي ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا انتظاميا کي ٻڙڪ به نٿي پئي؟ آخر اهي ڪهڙا گس، گهٽ، گهيڙ يا رستا آھن جتي پوليس موجود ناهي؟ هفتي کان مٿي عرصو گذري ويو اڃا تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آھن، ايڏي وڏي ڪاروائي بنا ڪنهن سهولتڪار جي تمام مشڪل آھي آخر اهي سهولتڪار ڪڏهن قانون جي شڪنجي ۾ ايندا؟  حڪومت ڪارو ڪاري بابت هڪ جامع ۽ موثر قانون ته جوڙيو آھي پر ان تي سختي سان عمل ڪرڻ کان پوءِ تي ئي نياڻين جو قتلام رڪجي سگهي ٿو، اڳ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم طور نياڻيون سڱ چٽي طور ڏنيون وينديون هيون، پر هاڻي ڪشمور جي سردارن  بيگناهه نياڻين تي ترس کائيندي اها ظالماڻي رسم ختم ڪري ڇڏي آھي، ڪشمور پوليس جتي امن امان جي سلسلي ۾ پاڻ پتوڙي ٿي جيڪڏهن ڪاري ڪري قتل ڪيل نياڻين جي جوابدارن سان رعايت نه ڪري ته مان سمجهان ٿو اهو تمام سٺو سنوڻ هوندو، ڪارو ڪاري جا ڪيترائي سبب آھن، جيڪڏهن اسان نياڻين کي انسان سمجهي انهن جا وقت تي مناسب رشتا ڪرايون، بي جوڙ شادين کان پاسو ڪيون، ذات پات رنگ نسل جي فرق کي ختم ڪري مذھب جي حڪمن جي پوئواري ڪيون ته مان سمجهان ٿو اها ڪڌي رسم پنهنجي موت پاڻ مري ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو