ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان استعيفيٰ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، بي اعتمادي تحريڪ سومر ڏ هاڙي پيش ڪئي ويندي، رپورٽ موجب بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان جي خلاف بي اعتمادي تحريڪ تي راءِ شماري جي ڪارروائي جي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي، راءِ شماري سڀاڻي ڏينهن جو 11 وڳي ٿيندي، اسيمبلي جي سيڪريٽري طريقيڪار پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، اسپيڪر ميمبرن جي حاضري لاءِ 5 منٽن تائين گهنٽي وڄائڻ جي هدايت ڪندو، جنهن کانپوءِ ايوان جا سمورا دروازا بند ڪيا ويندا، ووٽن جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڳڻپ ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر ووٽن جي نتيجن جو اعلان ڪندو، هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان استعيفيٰ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته مون استعيفيٰ ناهي ڏني، جنهن بابت غلط خبرون پکيڙيون پيون وڃن، هوڏانهن بلوچستان اسيمبلي جا گم ٿيل 4 ميمبرن اڪبر آسڪاڻي، بشريٰ رند، ليليٰ زرين ۽ مهجبين شيران سامون اچي ويا آهن، سندن چوڻ آهي ته اسان جي گم ٿيڻ جون خبرون غلط آهن، پنهنجي گروپ سان گڏ هئاسين ۽ آهيون.
117