120

اپوزيشن جو مهانگائي خلاف احتجاج پيالي ۾ طوفان آهي، ڪوبه فرق نه پوندو: اسد عمر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اپوزيشن جو مهانگائي خلاف احتجاج پيالي ۾ طوفان آهي، ڪوبه فرق نه پوندو، واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته حڪومت جي خاتمي جون ڳالهيون ڇهون ڀيرو ڪيون ويون آهن، ڪيڏي به ڪوشش  ڪن پر مدو پورو ڪنداسين، مهانگائي رڳو  پاڪستان ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ آئي آهي، ڪيترائي پاڪستاني ڄاوا آمريڪي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا، هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ سمورن ڌڙن تي ٻڌل حڪومت جا خواهشمند آهيون، طالبان جو رويو  پڻ مثبت نظر اچي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو