114

آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ فضائي حدن جي استعمال جو معاهدو، اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ٿي: حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ فضائي حدن جي استعمال جو معاهدو ٿي ويو آهي، جڏهن  ته پاڪستان حڪومت ان جي  ترديد  ڪندي چيو آهي ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ٿي، آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته افغانستان ۾ فوجي آپريشن جي لاءِ فضائي حدن جي استعمال تي آمريڪا ۽ پاڪستان معاهدي جي ويجهو  پهتا، آمريڪي صدر جوبائڊن انتظاميا ڪانگريس ميمبرن کي پاڪستان سان ٿيل  معاهدي کان  آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ ۾  چيو ويو آهي ته پاڪستان فضائي حدن جي استعمال جي موٽ ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ امداد جي فراهمي جي خواهش ڏيکاري آهي، هوڏانهن  اطلاعات  واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته افغانستان ۾ ملٽري آپريشن جي لاءِ آمريڪا سان ڪوبه  معاهدو ناهي ٿيو، آمريڪا جي افغان معاملي تي پنهنجي سوچ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي رياست ۽ آئين کي تسليم نه ڪندڙن خلاف ويڙهه جاري رهندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو