104

اسلام آباد کي محفوظ رکڻ جو فيصلو، لانگ مارچ روڪڻ لاءِ تياري مڪمل، خندق کوٽي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد کي محفوظ رکڻ جو فيصلو، لانگ مارچ روڪڻ لاءِ تياري مڪمل، خندق کوٽي وئي،حڪومت مظاهرين سان ڳالهين جو فيصلو ڪري ورتو،  وزيراعظم جي هدايت تي  شيخ رشيد دبئي مان لاهور پهتو،اعليٰ سطحي اجلاس، رپورٽ موجب پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو لاهور کان اسلام آباد ڏانهن ويندڙ لانگ مارچ ساڌو علائقي وٽ پهچي ويو آهي، لانگ مارچ کي روڪڻ جي لاءِ جي ٽي روڊ تي گجرانوالا جي ويجهو خندق کوٽي وئي آهي، روڊ بند هجڻ جي ڪري ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاسي پيون آهن، جڏهن ته مال سان ڀريل ٽرڪن جون قطارون لڳي ويون آهن، هوڏانهن گجرانوالا ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن، جي ٽي روڊ تي ڪرين جي مدد سان وڏو ۽ ڊگهو کڏو کوٽيو ويو آهي، ٻئي طرف ڪنٽينر رکي روڊ بند ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري شهر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد دبئي جو دورو مختصر ڪري مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري سان گڏ لاهور پهتو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي سربراهي ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد کي مظاهرين کان هر صورت ۾ محفوظ رکڻ ۽  شهر ۾ داخل نه ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي، هوڏانهن سينيئر وزير راجا بشارت چيو آهي ته مظاهرين جي قيادت مان 4 ڄڻن سان رابطو ٿيو آهي، ٽن  ڏينهن ۾ چار ڀيرا ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، چاهيون ٿا ته شهرين کي ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿي، جڏهن ته مذهبي معاملن تي وفاقي وزير نور الحق قادري چيو آهي ته حڪومت ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو