103

رتيديري لڳ جھيڙي ۾ زخمي ٿيل چنا برادري جو ٻيو نوجوان به فوت، ٻئي لاش رکي ڌرڻو

رتوديرو (ويب ڊيسڪ) رتيديري ڀرسان ڳوٺ سومر واھڻ ۾ گذريل ڏينھن پلاٽ معاملي تان چنا ۽ مرکياڻي برادري ۾ ٿيل جھيڙي ۾ زخمي ٿيل منصور چنو به لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ويو، مقتول جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، وارثن طرفان قتل ٿيل دلشير چنو ۽ منصور چنو جا لاش کڻي شڪارپور _ رتوديرو روڊ انڊس ھاءِوي تي ڌرڻو ھنيو جنھن سبب 5 ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مظاھرين رتوديرو پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي غلام مرتضيٰ چنو ، نثار چنو ، خالد چنو ، رجب چنو ، نظام چنو ، سڌير چنو ، نجمه خاتون ، راشده خاتون ، وزيران خاتون ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته 2 ڏينھن اڳ ايس ايڇ رتوديرو عبدالغفور ڇٽو مخالف ڌر کان پئسا وٺي اسان جي گھرن مٿان چڙھائي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ پيل سامان کڻي ويو، گذريل ڏينھن ٿيل جھيڙي ۾ اسان جا 2 ماڻھو قتل ٿيا آھن 4 زخمي آھن، ان باوجود ھن ٻيھر  پوليس نفري ساڻ ڪري اسان کي ڌمڪايو ته پوليس جو نالو نه کڻو اھا ڳالھه توھان جي خلاف ويندي، ھنن چيو ته عبدالسميع مرکياڻي ، فتاح مرکياڻي ، عامر مرکياڻي ، غفور مرکياڻي ۽ ٻين پوليس جي زور تي اسان جا 2 نوجوان حملو ڪري قتل ڪيا آھن،  پوليس ھن وقت تائين ڪنھن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آھي، ھنن چيو ته 2 ڏينھن اڳ مرکياڻي برادري جي چڱي مڙس غلام عباس مرکياڻي رتيديري ٿاڻي تي ايس ايڇ او جي سامھون اسان کي ڌمڪايو ته توھان جا 4 گھر آھن ۽ اسان جا چار ڳوٺ آھن، جنهن بعد مرکياڻي برادري جي ھٿياربندن حملو ڪري اسان جا 2 نوجوان ناحق قتل ڪيا آھن ، ھنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آء جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري تي گرفتار ۽ ايس ايڇ او رتوديرو عبدالغفور ڇٽو خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ، هوڏانهن ڊي ايس پي رتوديرو مير امداد ٽالپر ۽ ايس ايڇ او عبدالغفور ڇٽو ڌرڻي ۾ پھچي جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي، وارثن ايس ايڇ او مٿان بي اعتمادي جو اظھار ڪندي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنھن بعد علائقي واسين مقتولن جي تدفين جي گذارش ڪئي ان بعد وارثن مقتولن جي تدفين کان پوءِ  وڌيڪ لائحه عمل جوڙڻ جي اعلان بعد ڌرڻو ختم ڪيو، ڊي ايس پي مير امداد ٽالپر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته چنا ۽ مرکياڻي برادري ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي، ٻنھي ڌرين مٿان ڪيس به داخل ٿيل آھن، گذريل ڏينھن واقعي بعد ٿڏي تي اتي پھتاسين ڪجھه شڪي گرفتاريون به ڪيون آھن، وڌيڪ وارث جنھن کي ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪندا انھن کي گرفتار ڪنداسين .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو