فائرنگ 114

اوٻاوڙو ويجهو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ، واڪ ڪندڙ پوليس جي اسپيشل برانچ جو نوجوان قتل

اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙو جو رھواسي گھوٽڪي پوليس جي اسپيشل برانچ جو نوجوان اهلڪار سلطان احمد رند صبح جو سوير واڪ ڪري رھيو ھو ته نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن اوٻاوڙو ريتي لنڪ روڊ سونڻ شاخ وٽ حملو ڪري گوليون هڻي بيدردي سان موقعي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته اهلڪار سان گڏ دوست پپو شيخ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، حملو ڪندڙ ھٿيار بند فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا، اطلاع باوجود پوليس نه پھتي، علائقي واسين ۽ رند برادري جا سوين ماڻھو واقعي واري ھنڌ پهچي زخمي ۽ قتل ٿيل اهلڪار جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو ۽ زخمي پپو شيخ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ رحيميار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو. ان موقعي تي رند برادري جي ماڻھن ۽ وارثن اسپتال مان مقتول جو لاش کڻائي قومي شاھرا تي رکي روڊ ٽن ڪلاڪن تائين بند ڪري ڇڏيو، جتي گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي مقتول جي وارثن مھدي رند، مجاهد حسين رند ۽ ٻين صحافين اڳيان دانھون ڪندي چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني نه آھي، ظالمن ظلم ڪري اسان جي ڳڀرو کي بيدردي سان قتل ڪيو آھي. ھوڏانھن ڊي ايس پي محمد پناھ ڀٽو ۽ ايس ايڇ او، سيد قلب عباس شاه جي خاطري تي قومي شاھراھ کوليو ويو مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ سوڳ ۾ چوڪ ماڙي شھر بند ٿي ويو، شھيد اھلڪار سلطان احمد رند جي جنازي نماز مرڪزي حسيني امام بارگاهه ريتي روڊ اوٻاوڙو ۾ ادا ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو