ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماحوليات بابت دستاويز ۽ روڊ ميپ شيئر نه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت وفاق کي احتجاجي خط لکي ڇڏيو. ماحوليات واري صوبائي وزير اسماعيل راهو وزيراعظم جي ماحوليات بابت خاص معاون امين اسلم کي خط لکندي چيو آھي ته يونائيٽيڊ نيشن ڪنوينشن ڪلائنٽمچينج ۾ وزيراعظم دستاويز ۽ روڊ ميپ پيش ڪندو، جيڪي سنڌ سان شيئر ناهن ڪيا ويا. اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته نه وري ڪانفرنس بابت صوبن کان تجويزون ورتيون ويون آهن، ماحوليات وفاق جو نه پر صوبن جو سبجيڪٽ آهي، سنڌ ۾ سامونڊي دخل اندازي، ڪٽائو، پاڻي جي کوٽ، موسم جي تبديلي سبب متاثر هجرت، پاڻي جو معيار، فصلن جي گهٽ پيدوار سميت ٻين بيمارين جي پکيڙ شامل آهي. ھن خط ۾ چيو وفاقي حڪومت ايم او سي سي پاران تيار ڪيل دستاويز سي او پي 26 ۾ پيش ڪندي،دستاويزن جي تياري ۾ تمام اسٽيڪ ھولڊرن کان تجويزون ۽ راءِ ناهي ورتي وئي، وزيراعظم جي صدارت ۾13 آڪٽوبر تي ٿيل اجلاس ۾ به سنڌ کي نه ڳالهائڻ ڏنو ويو، لاڳاپيل ادارن کي هڪ پاليسي جي حوالي سان هدايت ڏني وڃي ته منصوبا سازي ڪرڻ واري مرحلي ۾ صوبن کي شامل ڪيو وڃي.اسماعيل راهو چيو ته تبديلي جي چيلينجز کي جواب ڏيڻ لاءِ ڳڏيل ڪوششن جا منتظر آهيون.
129