121

پاڪستان جو هر شهري پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مئچ جي ڪري پرجوش آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جو هر شهري پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مئچ جي ڪري پرجوش آهي، انشاءَ الله فتح جنون ۽ جذبي جي ٿيندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هو مئچ تي وڃڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڪستان جا جيڪي به 11 رانديگر ميدان ۾ لهندا انهن وٽ پاڪستان جو نئون سپر اسٽار بڻجڻ جو موقعو آهي. پاڪستان جو هر شهري ان مئچ جي ڪري پرجوش آهي ۽ انشاءَ الله فتح جنون جذبي جي ٿيندي، پاڪستان جي ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو