اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ خلاف ڪيس واپس وٺڻ جو اعلان، حڪومت سمورين شاهراهن تان ڪنٽينٽر هٽائي ڇڏيا، ڳالهين کانپوءِ پابندي مڙهيل تنظيم جي مظاهرين مريدڪي ۾ پنهنجو ديرو ڄمائي ورتو، ٽرين بند، ميٽرو بس جو روٽ محدود ڪيو ويو، رپورٽ موجب پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ حڪومت جي وچ ۾ رابطي کانپوءِ حڪومت ڪيس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته راولپنڊي ۽ مري روڊ سميت سمورين شاهراهن تان ڪنٽينر هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سعد رضوي سان ون ٽو ون ۽ ميٽنگ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اڄ صبح جو تنظيمي ماڻهو گهرو وزارت ايندا، ٽي ايل پي جي نمائندن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اڱاري يا اربع تائين ڪيس واپس ورتا ويندا، اهو طئي ٿيو ته حڪومت شيڊول فور کي پڻ ڏسندي، حڪومت جو ڪم ناهي ته جوڊو ڪراٽو ڪري، ڪابه رياست ڏنڊو هلائڻ نٿي چاهي، مريدڪي ۾ ويٺل ماڻهو اربع ڏهاڙي تائين واپس هليا ويندا، ٽي جي روڊ تي رڪاوٽون برقرار رهنديون، هن وڌيڪ چيو ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته ڪنٽينر هٽائي روڊ ڪناري رکيا وڃن، سمورين سياسي جماعتن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ڳالهين واري ڪاميٽي جي سربراهي نه پيو ڪرڻ چاهيان، سعد رضوي اسرار ڪيو ته مان ئي ڪاميٽي جي سربراهي ڪريان، ان ڪري ڪاميٽي ۾شامل ٿيو آهيان، امن خراب ڪرڻ نه ڏبو، احتجاج انهن جو حق آهي، ساڻن ٽڪراءُ نه ٿيڻ گهرجي، حڪومت جو ڪم آهي ته لچڪ ڏيکاري، اسان جي اها ئي خواهش آهي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وڃي.
115