دوبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي مهادنگل ۾ پاڪستان خلاف پهرين بيٽنگ ڪندڙ ڀارتي ٽيم جا چوٽيءَ جا ٻه بيٽسمين آئوٽ ٿي پويلين موٽي ويا. ٻئي وڪيٽون شاهين شاهه آفريدي ورتيون. ميچ جي پهرين ئي اوور ۾ ڀارتي اوپنر روهيت شرما شاهين شاهه آفريدي جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. ميچ جي ٽئين اوور ۾ شاهين شاهه آفريدي ون ڊائون تي آيل ڪي ايل راهول کي بولڊ ڪري ڇڏيو. شروعاتي اوورز ۾ ئي 2 وڪيٽون ڪرڻ بعد ڀارتي بيٽنگ لائين تي دٻاءُ وڌي ويو
125