116

پاڪ فوج آزمائش جي هر گهڙي ۾ قربانيون ڏنيون، امن لاءِ خدمتون پڻ پيش ڪيون: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا گڏيل قومن جي 76 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج آزمائش جي هر گهڙي ۾ قربانيون ڏنيون، امن لاءِ خدمتون پڻ پيش ڪيون، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ آرمي چيف چيو ته جوانن آزمائش جي گهڙي ۾ قربانيون ڏنيون، عالمي امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان جون قربانيون دنيا آڏو آهن، اسان جون قربانيون باباءِ قوم جي ويزن مطابق آهن، اهي قربانيون عالمي امن لاءِ اسان جي ارادن جون عڪاسي آهن، پاڪستان جي هٿياربند فوج گڏيل قومن جي مشنز مان هڪ آهي، گڏيل قومن تحت خدمتون ڏيڻ جي ڊگهي تاريخ آهي، پاڪستاني فوج گڏيل قومن سان گڏ خدمتن کي هميشه عالمي سطح تي تسليم ڪيو آهي، ڪانگو ۾ آپريشن ۾ پڻ پنهنجو دستو مقرر ڪيو، آرمي چيف وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جا پيس ڪيپرز هن وقت تائين 28 ملڪن ۾ گڏيل قومن جي 46 امن مشنز ۾ حصو وٺي چڪا آهن، ان ۾ 2 لک کان وڌيڪ فوجي جوان شامل آهن، گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي پاڪستان جا 161 جوان شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته 24 آفيسرن ڊيوٽي دوران پنهنجون جانيون قربان ڪيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو