105

حڪومت جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي وڌيڪ برداشت نٿا ڪري سگهون: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي وڌيڪ برداشت نٿا ڪري سگهون، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماڻهو فاڪا ڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن، اهي هن حڪومت مان تنگ ٿي پيا آهن، وزيراعظم يو ٽرن وٺي پيو، اسان جو قافلو نڪري چڪو آهي، هاڻي حڪومت کي بي نقاب ڪنداسين، خطي ۾سرد جنگ جا بادل هلي رهيا آهن افغانستان  ۾ جيڪڏهن  امن هوندو ته ان جو فائدو پاڪستان سميت سڄي خطي کي ٿيندو، اسان ملڪ  تي ڪک به برداشت نه ڪنداسين، عوامي جلسن ۾ ادارن جي سربراهن جي خلاف نعرا هڻڻ قومي مفاد جي خلاف آهي، فيصل آباد جلسي ۾ نعرا هڻندڙ سان پارٽي جو تعلق ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو