148

لکي جي ڪچي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان حملو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

لکي غلام شاهه (ويب ڊيسڪ) لکي جي ڪچي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان حملو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ان سلسلي ۾ ڪچي واري علائقي شاهه ٻيلي ۾ اميد علي قادراڻي ۽ غلام قادر مصراڻي وچ ۾ تڪرار تان قادراڻي ڌر جي هٿياربندن هڪ گهر تي ڪاهه ڪئي، فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب غلام قادر مصراڻي جو نوجوان پٽ حسين بخش مصراڻي موقعي تي مارجي ويو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، هوڏانهن حد جي بچل ڀيو، شڪارپور ۽ قادراپور ٿاڻن جي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش هٿ ڪري سول اسپتال سکر آندو، مڙهه پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارث اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار ۾ اڳ به 2 ڄڻا مارجي چڪا، نوجوان جي قتل بعد ٽئين انساني حياتي جهيڙي ۾ ضايع ٿي، هوڏانهن ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو