135

احمدپور ڀرسان عيوض ۾ ڏنل 7 ورهين جي نياڻي پرڻائڻ جي ڪوشش، انڪار تي 2 ماما گرفتار

احمدپور (ويب ڊيسڪ) احمدپور ڀرسان عيوض ۾ ڏنل 7 ورهين جي نياڻي پرڻائڻ جي ڪوشش، انڪار تي 2 ماما گرفتار، ان سلسلي ۾ وسطڙا ڳوٺ ۾ بااثرن مبينا طور 7 ورهين جي آصفا وسطڙو جي 18 ورهين جي منٺار جانوري سان شادي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، انڪار تي ٻارڙي جي مامن عامر ۽ شاهد وسطڙو کي گرفتار ڪرائي تشدد بعد لاڪ اپ ڪيو ويو، وارثن جي احتجاج بعد رشوت عيوض آزاد ڪرايا ويا، هوڏانهن نياڻي جي امڙ شمائلا، ناني پٺاڻي، مامن عامر ۽ شاهد جو صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته بااثر غلام مصطفيٰ عرف ڪوئيٽا انڙ ڪيتري ئي عرصي کان معصوم نياڻي جي شادي لاءِ دٻاءَ وڌو، اسان کين چيو ته نياڻي جوان ٿئي ته پوءِ رشتو ڪنداسين، انڪار تي گهر ۾ عورتون ۽ مرد وٺي زبردستي پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي واپس هليا ويا، بعد ۾ عبدالرحمان انڙ پوليس هٿان گرفتار ڪرائي سخت تشدد ڪرايو ويو ۽ پوليس رشوت وٺي ٻن ڀائرن کي آزاد ڪيو، هاڻ منٺار جانوري ۽ ڪوئيٽا انڙ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، نوٽيس وٺي تحفظ ڏياريو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو