104

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ معاشي بدحالي عوام کي پيڙي پئي: شازيه مري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي ۽ معاشي بدحالي عوام کي ڏينهون ڏينهن پيڙي رھي آهي، جڏهن ته اٽو، چانور، گيهه ، داليون ۽ ڀاڄيون غريبن ماڻهو جي خريدڻ جي پهچ کان به ٻاهر آهن. پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو آهي ته رڪارڊ مھانگائي ۽ بي روزگاري سبب وچولي طبقي جو ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويو آهي جڏهن ته نااھل حڪومت کي عوام جي ڪابه پرواهه نه آهي، شازيا مري چيو ته عمران خان کي هٽائڻ لاءِ انجي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻي پوندي ۽ ان ڏس ۾مخالف ڌر جي اڳواڻ کي گھرجي ته ھو جلد کان جلد عمران خان خلاف اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ آڻي ـھن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ عثمان بوزدار خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ لاء ماحول سازگار آهي ۽ پنجاب مان بوزدار کي ھٽائڻ بعد عمران خان کي به ھٽائڻ آسان ٿي ويندو، شازيه مري چيو ته عمران خان کي وڌيڪ اقتدار ۾ رهڻ ڏيڻ عوام سان منافقت مثل هوندو. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو