144

75 سيڪڙو ٻارڙا سرن تي ويهي پڙهندا ته سائنسدانن بدران مزدور ٿيندا: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ملڪ ۾ تعليم جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته جنهن ملڪ ۾ 75 سيڪڙو ٻارڙا سرون تي ويهي ڪري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن اهي سائنسدان يا تحقيق ڪرڻ وارا نه صرف مزدور، ڪلرڪ ۽ چوڪيدار ٿي سگهن ٿا ان ملڪ جو لٽريسي ريٽ 30 سيڪڙو آهي ۽ اسان 1.76 بجيٽ ۾ ان کي 60 سيڪڙو تي کڻي وڃڻ جي دعويٰ ڪري قوم کي هٿن سان پڪڙي درياهه طرف ڌڪي رهيا آهيون، هن وڌيڪ چيو ته تعليم صرف اخبارن جون سرخيون پڙهڻ يا صحيحون ڪرڻ سا نه، پر تعليم ويزن، احساس، ٻين جي ڪم اچڻ ۽ سوچڻ سمجهڻ جو نالو آهي بدقسمتي سان اسان وٽ مدر پرائمري تي ڪڏهن به ڌيان ناهي ڏنو ويو، اسان اهو سمجهي ئي نٿا سگهون ته هڪ پڙهيل لکيل ماءَ هڪ پڙهيل لکيل، ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ وارو ٻار پيدا ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته تعليم جو اثر اسان جي معاشري ۽ ماحول تي به پوي ٿو جيڪڏهن ملڪ جي تعليم درست ڪئي وڃي ته تمام ادارا پاڻ درست ٿي ويندا، اسان ۾ سمجهه ناهي ته ملڪ لاءِ ڇا بهتر آهي اسان صرف وعدن تي وعدا ڪري رهيا آهيون پر عملي طور تي ڪجهه به نٿا ڪري سگهون اسان وٽ ويزن ۽ سوچ ناهي تعليم کي درست نه ڪرڻ، رياست جي حڪمرانن جي ڪمزوري آهي اسان قرضي بڻجي چڪا آهيون اسان وٽ هاڻي ساهه کڻڻ جي به گنجائش ناهي بچي، سيد خورشيد احمد شاهه وڌيڪ چيو ته جڏهن مان سنڌ جو تعليم وارو وزير هيس ته سکر لاءِ آءِ بي اي يونيورسٽي جو نالو وٺڻ لاءِ 40 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ڏني ۽ سکر ۾ آءِ بي اي يونيورسٽي جوڙي، هن وڌيڪ چيو ته گهڻي عرصي بعد اسٽيج تي آيو آهيان وقت گذرندو پيو وڃي پر تاريخ لکي ويندي آهي. تقريب ۾ يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين به خطاب ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو