163

شاگرد اتحاد سونهري اصولن تي عمل ڪري ڪاميابي حاصل ڪن: علي زيدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته ڪاميابي جو راز اتحاد، ايمان ۽ تنظيم ۾ آهي. سمورا شاگرد ان سونهري اصول تي عمل ڪن ۽ ڪاميابي حاصل ڪن. وزيراعظم عمران خان کان سکيو آهي ته هارائي اهو ٿو جيڪو هار مڃي ٿو. ڪامياب انسان اهو هوندو آهي جنهن ۾ انسانيت جو جذبو هجي. پاڪ ڀارت ميچ ۾ شاهين آفريدي ڀارت کي سرپرائيز ڏيندو. پي ٽي آءِ ڪراچي طرفان جاري بيان مطابق اهڙو اظهار هن الفا ڪاليج جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ ميچ جي حوالي سان هو پراميد آهي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ هميشه دلچسپ رهي آهي. هن چيوته ٻنهي ملڪن جا ماڻهو ڪرڪيٽ جي باري ۾ تمام گهڻو پرجوش آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي اڄوڪي ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو ۽ ڀارت کي سرپرائيز ڏيند.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو