127

24 آڪٽوبر آزاد ڪشمير جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو: علي امين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمر ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور چيو آهي ته 24 آڪٽوبر جو ڏينهن آزاد ڪشمير جي تاريخ ۾ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿو، 1947 ۾ ان ئي ڏينهن ڪشميري عوام پنهنجي لازاول قربانين سان ازاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جو بنياد رکيو، اهو ان عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي ته اسان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين. آچر تي ازاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 74 هين يوم تاسيس جي حوالي سان پيغام ۾ هن چيو ته ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد کي چيڀاٽڻ لاءِ ڀارتي ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن، والاريل ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهون قتل جي واقعن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي چڪو آهي، ڀارتي قابض فوج بيگناهه ڪشميري نوجوانن کي نالي ماتر سرچ آپريشنز ۽ ڪوڙن مقابلن ۾ شهيد ڪري رهي آهي. علي امين خان گنڊاپور چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ديموگرافي تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، اتي جو عوام ڀارت جي هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي سمورن سفاڪ قدمن کي بي نقاب ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي، وزيراعظم عمران خان دنيا جي هر فورم تي ڪشميرين جو آواز ڀرپور انداز ۾ اٿاريو، پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظالماڻن قدمن کي دنيا آڏو پيش ڪيو آهي. علي امين گنڊاپور چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڳڻتي جوڳي صورتحال جو عالمي برادري کي نوٽس وٺڻ گهرجي، عالمي برادري خوداراديت واري حق بابت سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل يقيني بڻائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو