130

اپوزيشن جا ڌرڻا ۽ ريليون، ڪيسن کان بچايو جي ايجنڊا آهي: شهباز گل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته ملڪي معيشيت ۽ تشخص کي نقصان پهچائيندڙ اڄ ملڪ ۽ جمهوريت جي لاءِ ناٽڪ ڪندي روئي رهيا آهن، اپوزيشن جو روئڻ ٽڻ، ڌرڻا ۽ ريليون ڪرپشن بچايو ايجنڊا جي تڪميل آهن، عوام کي خبر پئجي وئي آهي ته پي ڊي ايم جي ايجنڊا عوامي نه پر ذاتي آهي. آچر ڏينهن مريم اورنگزيب جي بيان تي جو اظهار ڪندي هن چيو ته بک ۽ افلاس جون ڳالهيون ڪندڙن جي دور ۾ پاڪستان گلوبل هنگر انڊيڪس ۾ 106 هين نمبر تي هو، ڪورونا باوجود 2021ع ۾ پاڪستان 92 نمبر تي آهي. ملڪي معيشيت ۽ تشخص کي نقصان پهچائيندڙ اڄ ملڪ ۽ جمهوريت جو ناٽڪ واري انداز ۾ روئڻ روئي رهيا آهن. اپوزيشن جو اهو پٽڪو ، ڌرڻا ۽ ريليون ڪرپشن بچايو ايجنڊا جي تڪميل لاءِ آهن. شهباز گل چيو ته عوام 2018ع ۾ نااهل ليگي ظلم مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو، عوام نااهلن کان ڇوٽڪاري لاءِ عمران خان جي سربراهي ۾ تاريخي جدوجهد ڪئي. ماضيءَ ۾ واريون وٺي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو ويو، عوام کي خبر پئجي وئي آهي ته پي ڊي ايم جي ايجنڊا عوامي نه پر ذاتي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو