حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس حيدرآباد پهتو، نوراتڙي ميلي ۾ شريڪ، راجيش ڪمار ھرداساڻي پاران تلوار، اجرڪ ۽ گلن جا تحفا، ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي تاريخي ڌرگا ماتا مندر تي سالياني نوراتڙي واري ميلي جي تقريب ٿي، آرتي کان ميلي جي شروعات ڪئي وئي، ميلي ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ ايم اين اي ڊاڪٽر رميش ڪمار واڻڪاڻي، پاڪستان ھندو ڪائونسل جي صلاحڪار راجيش ڪمار ھرداساڻي، مکي ڀڳت ڪرم چند ۽ ٻين چيف جسٽس آف پاڪستان جو استقبال ڪري اجرڪن ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا، جڏهن ته راجيش ڪمار هرداساڻي چيف جسٽس کي بهادري تي تلوار، اجرڪ ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا، تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد نوارتڙي جي موقعي تي هندو برادري کي مبارڪون ڏيندي چيو تھ پاڪستان ۾ سڀني کي مذهبي آزادي آهي، مذهبي آزادي قائد اعظم محمد علي جناح ڏني، چيف جسٽس گلزار احمد چيو تھ هندو ڪميونٽي جا الاهي ڪيس عدالت ۾ ايندا آهن، پوري ڪوشش هوندي آهي ته ڪيس حل ڪريون، ھن چيو تھ ٽيري مندر، ڀونگ شريف مندر ۽ ٻين مذهبي ھنڌن جي سپريم ڪورٽ هميشه حفاظت ڪئي آھي، آئين ۽ قانون جي تحت هندو برادري سميت تمام اقليتن کي حق ڏينداسين، چيف جسٽس چيو تھ پاڪستان جي آئين هر مذهب کي آزادي ڏني آهي، قائد اعظم به اها ڳالھه ڪئي هئي تھ هر مذهب جو ماڻهو آزاد آهي، چيف جسٽس گلزار احمد چيو تھ ٽيري مندر جي افتتاحي تقريب ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندس، جيڪڏھن افتتاح ۾ نه اچي سگهيس ته اتي جو دورو ضرور ڪندس، چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ مندرن، گرجا گهرن ۽ ٻين اقليتين جي عبادت گاهن جو تحفظ ڪندي رهندي اها اسان جي ذميواري آهي، جيڪا اسان کي آئين ڏني آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ اويڪيو ٽرسٽ جي چيئرمين کي بار بار چيو آهي ته جيتري به هندن جي مندرن جي پراپرٽي تي قبضا آهن اهي واپس ڪيا وڃن، اسان ٻڌو آهي ته حيدرآباد ۾ هن مندر تي به تڪرار آهي اسان ان کي به ڏسنداسين ۽ رڪارڊ طلب ڪنداسين.
133