ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ھڪ ھفتي ۾ نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو آھي، عدالت ڪمشنر ڪراچي کي حڪم ڏيندي چيو آهي ته هڪ هفتي ۾ نسلا ٽاور کي ڪنٽرولڊ ايمونيشن بلاسٽ سان ڪيرايو وڃي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراھي ۾ نسلا ٽاور بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪمشنر ڪراچي پيش ٿيو، عدالت ڪمشنر ڪراچي کي حڪم ڏيندي چيو ته عمارت کي ڪيرائڻ لاءِ بلاسٽ سان ويجهي عمارت يا ڪنهن ماڻهن کي ڪو نقصان نه ٿيڻ گهرجي، عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ڪمشنر ڪراچي نسلا ٽاور جي مالڪ کان متاثرن کي سندن ڏنل ناڻو واپس ڏياري، عدالت هڪ هفتي ۾ ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ٻي پاسي سپريم ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ ڪراچي انتظاميه عدالتي حڪم موجب نسلا ٽاور ڊهرائڻ لاءِ ايف ڊبليو او سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي، ان لاءِ مشاورت پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڇو ته پاڪستان ۾ ڪنٽرول بلاسٽ وسيلي عمارت ڊاهڻ لاءِ ايف ڊبليو کان اجازت وٺڻي پوندي آهي ۽ ان جو ئي سهڪار پڻ ورتو ويندو آهي.
116