100

ٽي ايل پي جا مطالبا پارليامينٽ ۾ کڻي وينداسين، واعدا پورا ڪيا ويندا: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ٽي ايل پي جا مطالبا پارليامينٽ ۾ کڻي وينداسين، واعدا پورا ڪيا ويندا، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان چاهي ٿي ته سندن مطالبا جلد کان جلد پارليامينٽ ڪاميٽي ۾ موڪليا وڃن، انهن سان انڊر اسٽينڊنگ ٿي آهي، واعدا پورا ڪيا ويندا، ساڻن ڳالهيون فورٿ شيڊيول، ڪيسن ۽ پابندي معاملي تي ٿين پيون، حڪومت کي رڳو مهانگائي جو ئي مسئلو آهي، هن چيو ته پي ڊي ايم جي جلسن ۾ مهانگائي کان متاثر ڪوبه مهانڊو نظر نه آيو، هن چيو ته ڀارت کان فتح تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، منهنجي جي اختيار ۾ هجي ها ته هڪ ڏينهن موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيان ها، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاميابي تي وڏو جشن ملهايو ويو، اسان جو فائنل ته ڄڻ ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو