103

سعودي عرب ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، ان جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون،ڀارت ڪشمير مسئلو حل ڪري ته ڪو جهيڙو ناهي: وزيراعظم

رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سعودي عرب ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، ان جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون،ڀارت ڪشمير مسئلو حل ڪري ته ڪو جهيڙو ناهي، پاڪ-سعودي عرب سيڙپڪاري فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪ-سعودي لاڳاپا سمورن رشتن کان مٿانهان آهن، دلي خواهش آهي ته سعودي عرب پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪري، ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جا پاڻ ۾ پڻ لاڳاپا آهن، سعودي عرب ڏکين گهڙين ۾ هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ عوام کي راءِ جو حق ڏي ته خطي ۾ امن ٿي سگهي ٿو، گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت حق ڏيڻا پوندا، پاڪستان ۽ ڀارت سٺي پاڙيسري وانگر اڳيان وڌي سگهن ٿا، ڪشمير مسئلو حل ڪيو وڃي ته ڀارت سان اسان جو ڪو جهيڙو ناهي، هن وڌيڪ چيو ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان تاريخي فتح حاصل ڪئي، ڀارت سان ڪرڪيٽ کي اڳيان وڌائڻ چاهيون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو