100

عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جي وزيراعليٰ لاءِ نامزد، اسپيڪر عهدي تان استعيفيٰ

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو کي وزيراعليٰ لاءِ پارٽي نامزد ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ هن اسپيڪر واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ان حوالي سان بلوچستان عوامي پارٽي جي ترجمان عبدالرحمان کيتران چيو ته ڄام ڪمال خان وڏي وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي پارٽي کي بچايو آهي، اسان تجربيڪار وڏو وزير آڻينداسين جيڪو هر وقت عوام لاءِ دستياب هجي، هن چيو ته بلوچستان عوامي پارٽي جي اتحادين عبدالقدوس بزنجو کي وزيراعليٰ لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي، بي اين پي، بي اين پي عوامي، جي يو آءِ ۽ بي اي پي جا ناراض ميمبر ايندڙ حڪومت ۾ شامل هوندا، حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ سان صلاح مشورو جاري آهي، بلوچستان جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا، ٽي سال گذري چڪا آهن، هاڻي صوبي جي مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، عوام لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو