99

آءِ ايم ايف شرط مڃڻ جو نتيجو قوم ڀوڳي پئي: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف شرط مڃڻ جو نتيجو قوم ڀوڳي رهي آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري تيزي سان وڌندي پئي وڃي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڊالر جي قيمت ۾ لڳاتار واڌ قومي سلامتي ۽ معيشت لاءِ خطرناڪ آهي، پارليامينٽ کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ختم نه ٿيو ته پوءِ ڇا طئي ٿيو آهي، پارليامينٽ کان سموريون حقيقتون لڪائڻ جو مطلب دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو