خرطوم (ويب ڊيسڪ) سوڊان ۾ فوجي بغاوت، وزيراعظم نظر بند، ڪيترائي وزير گرفتار، رپورٽ موجب سوڊان ۾ فوج بغاوت ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ فوج وزيراعظم عبدالله حمدوڪ کي نظر بند ڪري نامعلوم هنڌ تي رکيو، جڏهن ته خرطوم جي گورنر ۽ ٻين ڪيترن ئي اعليٰ عملدارن کي پڻ حراست ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته فوج ڪابينا جي ڪيترن ئي وزيرن کي پڻ حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي، رڳو 34 سيڪڙو انٽرنيٽ سروس بحال آهي، فوج شهرين کي گهر کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ٻئي طرف مظاهرين فوجي بغاوت خلاف مختلف هنڌن تي احتجاج پڻ ڪيو، ٽائرن کي پڻ باهيون ڏنيون ويون.
155