ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ناظم آباد ۾ قائم ٿيل ضياءُ الدين اسپتال پاران پارڪنگ لاءِ سرڪاري زمين تي قبضي خلاف درخواست تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کان رفاهي پلاٽن تان غيرقانون قبضا ختم ڪرائي انهن پلاٽن کي انهن جي رٿيل مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران ضياءُ الدين اسپتال جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ضياءُ الدين اسپتال ڪنهن سرڪاري جاءِ تي قبضو نه ڪيو آهي. ماڻهو روڊ تي پاڻمرادو پارڪنگ ڪندا آهن، چيف جسٽس پڇيو ته ايڏي وڏي اسپتال آهي توهان وٽ پنهنجي پارڪنگ ڇو نه آهي؟، ڊي جي ڪي ڊي اي کان عدالت پڇيو ته هي روڊ توهان ڇو نه پيا ٺاهيو؟ گهٽي بند پيل آهي، روڊ تي گهر ڪئين ٺهي ويا آهن؟، جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته سموري علائقي جي حالت خراب آهي، منشيات جي اسمگلنگ ٿيندي آهي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل 30 سالن کان شهر جي اها ئي حالت آهي، سمورو ڪراچي گري اسٽريڪچر ٿي ويو آهي، چيف جسٽس ڊي جي ڪي ڊي اي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان صرف آفيسن ۾ ويٺا آهيو ۽ آفيسن ۾ به صرف چانهه پيئڻ ايندا آهيو، توهان کي شهر کي ٺاهڻو آهي، توهان کي خبر آهي شهر ڇا ٿيندو آهي؟ ڪراچي ميٽروپوليٽن سٽي آهي، توهان ڪري ڇا رهيا آهيو، ڪيترن ماڻهن کي توهان نوٽيس جاري ڪيا آهن؟ جنهن تي ڊي جي ڪي ڊي اي چيو ته جلدي جلدي بدليون ٿي وينديون آهن، منهنجي به بدلي ٿي وئي هئي آئون هاءِ ڪورٽ مان اسٽي وٺي عهدي تي ويٺل آهيان، جنهن تي چيف جسٽس پڇيو ته توهان جي جاءِ تي ڪنهن کي لڳايو ويو آهي، جنهن تي ڊي جي چيو ته منهنجي جاءِ تي محمد علي شاهه کي لڳايو ويو آهي جنهن تي عدالت اي جي سنڌ کان پڇيو ته ٻڌايو ڪير آهي اهو محمد علي شاهه؟ جنهن تي اي جي سنڌ چيو ته آئون معلوم ڪري وٺان ٿو، عدالت ڊي جي ڪي ڊي اي کان پڇيو ته شهر ۾ ڪيترا رفاهي پلاٽ آهن؟ رفاهي پلاٽن تي ڪٿي ڪلب هلي رهيو آهي ته ڪٿي شادي هال يا وري خالي پلاٽن تي گهر اڏيل آهن، جنهن تي سماجي ڪارڪن امبر علي ڀائي چيو ته اسان رپورٽ جمع ڪرائي آهي، ماسٽر پلان کاتو اسان جي ڪا مدد نه ٿو ڪري، جنهن ماسٽر پلان تيٺ ڪم ٿي رهيو آهي ان جو گزيٽيڊ نوٽيفڪيشن به نه پيو ڏنو وڃي، 1969ع وارو ماسٽر پلان هلايو پيو وڃي. جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن اي جي سنڌ کان پڇيو ته ڇا ماسٽر پلان کاتو الڳ ٺهيل آهي، ان کي ڪير هلائي رهيو آهي؟ جنهن تي اي جي چيو ته ماسٽر پلان ڊپارٽمينٽ جو الڳ ڊائريڪٽر آهي، جنهن تي عدالت ماسٽر پلان جي ڊائريڪٽر وقار ميمڻ کي طلب ڪري ورتو. ان موقعي تي شهري عدالت کي ٻڌايو ته ضياءُ الدين اسپتال ساڍا 3 هزار گز جزمين تي قبضو ڪيوو آهي، نسله ٽاور ته 350 گز قبضي سبب ڊاهيو پيو وڃي. جنهن تي ضياءُ الدين اسپتال جي وڪيل چيو ته جوائنٽ سروي ڪرائي وٺو سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سروي ته ٿي ويندو ان تي عمل ڪير ڪندو؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته شهر ۾ ڊسٽ جو حال ڏسو، ڪي ڊي اي وارا صاحب! ڇا سهراب ڳوٺ به توهان جي انڊر اچي ٿو، اتي سمورا ڊمپر ٽرڪ بيٺل آهن، اتي رڳو اسڪريپ پيل آهي، جنهن تي سماجي اڳواڻ چيو ته شهر کي جيڪڏهن بهتر ڪرڻو آهي ته ڪي ڊي اي کي سڀ کان پهريان صحيح ڪرڻو پوندو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪي ڊي اي جو پنهنجو ڊائريڪٽر اسٽي تي ويٺل آهي، ڪو به هتي ڊليور ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، 40 سالن کان اها حالت آهي، جيڪو ايندو آهي مال ٺاهيندو آهي ۽ ڪينيڊا، لنڊن، آمريڪا هليو ويندو آهي، چيف جسٽس ڊي جي ڪي ڊي اي کان پڇيو ته ڪراچي شهر جو ڪي ڊي اي وٽ ڪو نقشو آهي، جنهن تي ڊي جي چيو ته اسان وٽ پراڻو رڪارڊ آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته توهان پراڻو رڪارڊ کڻي اچو، اسان نئين رڪارڊ سان ان کي ڀيٽي وٺنداسين، عدالت چيو ته ڊي جي ڪي ڊي اي پاران رفاهي پلاٽن بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، پارڪن جي زمينن تي قبضا ڪري گهر ٺاهيا ويا آهن، ٻيون ڪمرشل سرگرميون جاري آهن، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي رفاهي پلاٽن کي خالي ڪرائي ۽ اهي جن مقصدن لاءِ رکياويا آهن انهن لاءِ ئي استعمال ڪيا وڃن.
127