ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي مهانگائي خلاف 29 آڪٽوبر تي جمعي جي نماز کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته 29 آڪٽوبر تي جمعي نماز کان پوءِ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ احتجاج ڪيو ويندو، هر ضلعي جي احتجاج ۾ پارٽي جا هزارين ڪارڪن، پارٽي عهديدارن سميت ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ سينيٽرز شرڪت ڪندا. نثار کهڙو جو چوڻ آهي ته تبديلي جو جنازو ڪڍندڙ ۽ هن يزيدي وفاقي حڪومت مان جلد ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين. پي ڊي ايم جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي تجويز تي عمل ڪري ته پهرين مرحلي ۾ پنجاب ۽ ٻئي مرحلي ۾ وفاق ۾ عمران خان جي حڪومت کي گهر موڪلي سگهون ٿا. پي ڊي ايم هن حڪومت مان جان ڇڏائڻ ۾ سنجيده آهي ته (ن) ليگ هاڻ پنجاب ۾ عثمان بزدار خلاف تحريڪ عدم اعتماد پيش ڪري. هن چيو ته بلوچستان کان پوءِ پنجاب ۾ عثمان بزدار کي عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي هٽائڻ لاءِ رستو هموار ٿي چڪو آهي، (ن) ليگ جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي ۾ عثمان بزدار خلاف تحريڪ عدم اعتماد پيش ڪري ته پنجاب کان پوءِ وفاق ۾ اپوزيشن جي قوت سان عمران خان کي عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي گهر موڪلي سگهجي ٿو. پي پي اڳواڻ چيو ته مهانگائي خلاف احتجاج نتيجه خيز ثابت ٿيندو ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان يزيد جي سرڪار خلاف عوام سراپا احتجاج آهي، عوام جهڙي طرح ماضي ۾ ايوب خان ۽ ان جي مهانگائي خلاف تحريڪ هلائي هاڻ اهڙي طرح عمران خان جي حڪومت ۽ مهانگائي خلاف تحريڪ لاءِ ٻاهر نڪري چڪي آهي. هن چيو ته آئنده چونڊن کان پوءِ ملڪ ۾ پيپلز پارٽي جي جمهوريت حڪومت هوندي، وفاقي حڪومت جي رويين پارليامينٽ جي ماحول کي به خراب ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب پارليامينٽ ۾ عوام جي بهتري لاءِ ڪا قانونسازي نه پئي ڪئي وڃي. نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته پيٽرول، دوائن، بجلي، گيس ۽ روزانو استعمال ٿيندڙ شيون مهانگيون ڪري عوام کي زنده قبر ۾ وجهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي عمران خان جي حڪومت عوام لاءِ عذاب بڻجي چڪي آهي، عوام دشمن حڪومت وٽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ ڪو نظريو ناهي. هن چيو ته جيستائين ملڪ ۾ عمران خان جي حڪمراني رهندي ملڪ جا بنياد به ڪمزور هوندا، عمران خان هن ملڪ ۽ عوام جي جان ڇڏي هاڻ عوام ان حڪومت کي اقتدار ۾ وڌيڪ برداشت نه ٿي ڪرڻ چاهي، اوهان استعيفيٰ ڏيو ۽ عوام کي بهتر فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏيو.
124