97

آرمي چيف جي وزيراعظم سان ملاقات، ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم آءِ ايس آءِ جو ڊي جي مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان آرمي چيف سان مشاورت کان پوءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي آءِ  ايس آءِ جو ڊي جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ٿي ويو آهي. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد 19 نومبر تائين عهدي تي موجود رهندو ۽ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم 20 نومبر  تي ذميواريون سنڀاليندو. ان سلسلي ۾ اڱا ري ڏينهن وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وزيراعظم هائوس ۾پهرين اڪيلائي ۾ملاقات ڪئي ۽ پوءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به ملاقات ۾ شامل ٿيو. آءِ ايس پي آرطرفان آءِ ايس آءِ جي نئين ڊي جي کي مقرر ڪرڻ جو اعلان 6 آڪٽوبر تي ٿيو هو پر  وزيراعظم آفيس طرفان ان جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو هو، وفاقي حڪومت آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي مقرريءَ ۾ لاڳاپيل طريقي تي عمل نه ٿيڻ سبب اعتراض واريو جنهن سبب مقرريءَ جو معاملو ڪيترن ئي ڏينهن تائين روڪجي ويو. جنهن کان پوءِ  وزيراعظم عمران خان آرمي چيف سان مشاورت پڻ ڪندو رهيو.  وزيراعظم عمران خان آءِ ايس آءِ جو نئون ڊي جي مقرر ڪرڻ لاءِ بچاءُ واري وزارت وٽان مليل لسٽ ۾ شامل آفيسرن جا انٽرويو ڪيا ۽ آخري مرحلي ۾ آرمي چيف سان مشاورت ڪئي. آرمي چيف سان مشاورت کان پوءِ وزيراعظم عمران خان ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي آءِ ايس آءِ جو ڊي جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کان پوءِ وزيراعظم آفيس مان ان جو  نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو.  ان بابت وزيراعظم آفيس جي ترجمان جاري ٿيل بيان ۾ چيو آهي ته  وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا  جي ملاقات آءِ ايس آءِ جي نئين جي ڊي کي مقرر ڪرڻ جي وقت بابت مشاورت جو حصو هئي. ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد 19 نومبر تائين عهدي تي موجود رهندو، جنهن کان پوءِ  ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم 20 نومبر  تي ذميواريون سنڀاليندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو