ڏھرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ويجهو ريلوي اسٽيشن ڀرسان زمين جي مالڪي تان ڪوڀر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، هڪ ڌر جي هٿياربندن پاران ڪيل حملي ۾ گوليون لڳڻ سبب 15 سالا نوجوان اسلم ڪوڀر پٽ شاھ بيگ ڪوڀر قتل ٿي ويو. جڏھن ته سندس ڀاءُ آصف ڪوڀر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن بعد اطلاع تي ڏهرڪي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي سرڪاري اسپتال ڏھرڪي آندو ويو، جتي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته زخمي آصف جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب کيس رحيميارخان منتقل ڪيو ويو آھي. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي ڀاءُ عامر ڪوڀر صحافين کي ٻڌايو ته زمين جي مالڪي تان مختيار، گاهي ڪوڀر ۽ ٻين جوابدران اسان مٿان حملو ڪري منهنجي هڪ ڀاءُ اسلم ڪوڀر کي قتل جڏهن ته ۽ ٻئي ڀاءُ آصف ڪوڀر کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن. هن چيو ته ظالمن اسان سان ظالم ڪندي معمولي ڳال تان سندس نوجوان ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي. هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي. ھوڏانھن مقتول نوجوان جو لاش گهر ۾ پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل توڙي حملو ڪندڙ جوبدار گرفتار نه ٿي سگهيا هئا.
115