169

تعليمي بورڊن احتجاج طور انٽر ميڊيئيٽ جا نتيجا روڪي ڇڏيا، شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليمي بورڊن احتجاج طور انٽر ميڊيئيٽ جا نتيجا روڪي ڇڏيا آهن،  سرڪاري ڪاليجن جي شاگردن جي فيس جمع نه ٿيڻ تي نتيجا روڪيا ويا آهن، هن وقت سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ شاگردن جون داخلائون شروع ٿي ويون آهن، نتيجا روڪڻ جي ڪري انٽر جي هزارين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي، ياد رهي ته سنڌ حڪومت 2017ع کان سرڪاري ڪاليجن جي شاگردن جي فيس نه ڏني آهي، جنهن ڪري سمورا تعليمي بورڊ مالي بحران جو شڪار ٿي ويا آهن، هوڏانهن حيدرآباد تعليمي بورڊ جي سينيئر وائيس چيئرمين انوار احمد خان چيو آهي ته بورڊ مالي بحران جو شڪار آهي، استادن کي گهرائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته اسان وٽ پئسا ناهن، حڪومت پئسا نه ڏيندي ته اسان رزلٽ ڪڍي نه سگهنداسين، ان لاءِ رزلٽ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي، سکر تعليمي بورڊ جي چيئرمين رفيق پلهه چيو آهي ته سکر بورڊ جا 2017ع کان سنڌ حۡڪومت ڏانهن تقريبن 90 ڪروڙ رپيا رهيل آهن، جڏهن ته سينيئر وائيس پريزيڊنٽ ايس اي بي سي غلام مصطفيٰ پيرزادا چيو آهي ته ميرپورخاص بورڊ ۽ حيدرآباد بورڊ فاڪا ڪشي تي پهتو آهي، پگهارون ڏيڻ مسئلو ٿي پيو آهي، ٻئي طرف شاگردن چيو آهي ته اسان وڏين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، يونيورسٽيون انٽر جي رزلٽ تي داخلائون ڏينديون آهن، رزلٽ نه اچڻ جي ڪري داخلا نه پئي ڏني وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو