اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني ۽ شاهه محمود جتوئي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي کي جاري ڪيل نوٽيس جي معاملي تي ٻڌڻي ڪئي، وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو، ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني وڪيل کي چيو ته جيڪو شوڪاز نوٽيس موڪليو هو، ان جو جواب ڏنو وڃي، جنهن تي معاون وڪيل ٻڌايو ته وڪيل علي ظفر شهر کان ٻاهر ويل آهي، هڪ مهينو مهلت ڏني وڃي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ڏني.
125