ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽن ڄڻن واري بينچ سنڌ جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ هددخليون ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کان ڪارروائي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت اهڙو حڪم سنڌ جي زمين جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ بابت ڪيس جي ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ٻڌڻي دوران سنڌ جو سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ ٻيا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو طرفان زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائز ڪرڻ بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي پنج لک انٽريز کي مشڪوڪ قرار ڏيندي عدالت کي ٻڌايو ته 237 انٽريز کي بلاڪ ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي زمينن جو 95 سيڪڙو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيز ڪيو ويو آهي ۽ ڄاڻايل رڪارڊ بورڊ آف روينيو جي ويب سائٽ تي به موجود آهي. ان ڪارڊ ۾ ڪو به هير ڦير نه ٿو ڪري سگهي. رپورٽ ۾ زمينن جي پنج لک انٽريز کي مشڪوڪ قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته 237 زمينن جي انٽريز کي بلاڪ ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کان پڇيو ته ڇا رڪارڊ ايترو محفوظ ڪيو ويو آهي جو اي ٽيمپر نه ڪري سگهجي؟ جنهن تي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو چيو ته رڪارڊ ويب سائٽ تي پبلش ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته سرڪاري زمينن تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ جنهن تي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ٻڌايو ته آبپاشي ۽ ٻيلي کاتي جي سهڪار سان ڪوششون ڪري رهيا آهيون. عدالت سرڪاري زمينن تان قبضا فوري طور تي ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اصل ڳالهه اها آهي ته اڃان ڪيترن ايڪڙن تي قبضو آهي. چيف جسٽس چيو ته سرڪاري زمينن تي قبضا سنگين مسئلو آهي. عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڪراچي جي سرڪاري زمينن تان قبضو ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت چيو ته سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهيو آهي اهو به ٻڌايو وڃي. ان موقعي تي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو عدالت کي ٻڌايو ته جيڪي به شڪي انٽريز آهن اهي تصديق لاءِ ڊپٽي ڪمشنرز کي موڪليون ويون آهن، ڊپٽي ڪمشنر انهن انٽريز کي ترجيحي بنيادن تي چيڪ ڪندو. عدالت سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي ان حوالي سان ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کان پڇيو ته سنڌ ريمول ۽ پراپرٽي ايڪٽ ۾ اوهان جو ڪهڙو ڪردار آهي؟ انهن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم نه هوندو آهي. جنهن تي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو چيو ته ان جو سربراهه الڳ هوندو آهي جڏهن ته حددخلين خلاف ڪارروائي لاءِ ڊپٽي ڪمشنرن کي شڪايت ڪندڙ ٿيڻو هوندو آهي پر عدالتن جي پيشين سبب ڊپٽي ڪمشنرز شڪايت ڪندڙ ٿيڻ کان لنوائي رهيا آهن. چيف جسٽس سمورن سرڪاري آفيسرن کي حددخلين جي معاملي کي سنجيده وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪنهن به سرڪاري زمين ۽ پبلڪ لينڊ تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو وڃي. عدالت سينير ميمبر بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته پوري سنڌ جي ڊپٽي ڪمشنرز کي حڪم ڏيو ته حددخلين خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪن ۽ سمورا ڊپٽي ڪمشنرز سرڪاري زمينن تي قبضن بابت ڪيسن جي سيشن عدالتن ۾ پيروي ڪن. عدالت چيو ته ڊپٽي ڪمشنرز طرفان حددخلين خلاف ڪارروائي جي رپورٽ به سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪري. ٻڌڻي دوران ڪي پي ڪي جي ايڊووڪيٽ جنرل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ڪي پي ڪي ۾ فيز ون مڪمل ٿي ويو آهي، مردان ۽ ٻين علائقن ۾ 100 سيڪڙو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيز ٿي چڪو آهي. ڊسمبر 2021ع تائين 76 ضلعن جو رڪارڊ مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي ويندو. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جون 2022 تائين باقي 12 ضلعن جو رڪارڊ پڻ ڪمپيوٽرائيز ٿي ويندو. عدالت ڪي پي ڪي جي روينيو کاتي کي زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ وارو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي بلوچستان جي روينيو کاتي کي پڻ ڊسمبر 2021ع تائين رڪارڊ ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
170