128

عالمن ۽ مشائخ پاران شيخ رشيد ۽ نور الحق قادري کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمن ۽ مشائخ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،  حرن جي روحاني پيشوار پير پاڳاري، مفتي منيب الرحمان ۽ ٻين عالمن گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته حڪومت اڳوڻي لکت واري معاهدي تان ڦري وئي آهي، لکت ۾ ڪوبه نئون معاهدو نه ٿيندو، ٽي ايل پي تي داخل ڪيس واپس وٺي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيا وڃن، لکت واري معاهدي تان ڦري وڃڻ تي شيخ رشيد ۽ نور الحق قادري کي برطرف ڪيو وڃي، ڪوئيٽا جي فارمولي تحت تحريڪ ناموس رسالت جي شهيدن جي وارثن ۽ زخمين کي مراعتون ڏنيون وڃن، تحريڪ لبيڪ تي لاڳو ڪيل پابندي ختم ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو