111

پاڪستانين جو ساهه مٺ ۾، شاهينن جي سخت مقابلي بعد ڪيويز کي شڪست

شارجا (ويب ڊيسڪ) ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ گرين شرٽس پنهنجي ٻئي مئچ ۾ ڀارت کانپوءِ ٻئي سخت حريف نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، پاڪستان جو دورو ختم ڪندڙ نيوزيلينڊ ٽيم کي بابر اليون 5 وڪيٽن تان شڪست جو مزو چکايو، شارجا ۾ کيڏيل مئچ ۾ پاڪستانين بالرن جي شاندار ڪارڪردگي سبب نيوزيلينڊ جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 134 رنسون ٺاهي سگهي، مارٽن گپٽل 17، ڊيريل مچل 27، ڪين وليمسن 25، جمي نشام هڪ، ڊيون ڪونوي 27، گلين فلپس 13، ٽم سيفريٽ 8، مچل سينٽنر 6 ۽ ايش سودي 2 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان حارث رئوف 4 وڪيٽون وٺي نمايان رهيو، جواب ۾ پاڪستان جي پهرين وڪيٽ ڪپتان بابر اعظم جي صورت ۾ 28 رنسن تي ڪري، جنهن کان فخر الزمان 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، محمد حفيظ به 11 رنسن تي پويلين جي راهه ورتي، ڪريز جي ٻئي طرف بيٺل محمد رضوان 33 رنسون ٺاهي سودي جو شڪار بڻيو، عماد وسيم کي بولٽ آئوٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي ٽيم مڪمل پريشر ۾ اچي وئي ۽ پاڪستاني شوقينن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو، شعيب ملڪ ۽ آصف علي آخري اوورن ۾ شاندار بيٽنگ ڪندي مئچ کي پريشر مان ڪڍيو ۽ ٽيم کي ڪاميابي ڏياري، اهڙي طرح پاڪستان پنهنجي ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ کيڏيل ٻنهي مئچن ۾ ڪاميابي ماڻي گروپ ۾ ٽاپ تي اچي وئي آهي، پاڪستان جو اڳيون مقابلو 29 آڪٽوبر تي افغانستان سان ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو